لندن _ 10 سيٽمبر (اي پي پي ) برطانيه يوڪرين لاءِ 2 ارب پائونڊ (2.7 ارب آمريڪي ڊالرن ) جي عسڪري امداد جو اعلان ڪيو آهي . اها امداد برطانيه جي سربراهي ۾ قائم هڪ عالمي فنڊ ذريعي يوڪرين جي هٿيار بند فوج جي فوري ضرورت لاءِ ڏني ويندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو اعلان برطانيه جي دفاع واري وزارت طرفان لنڊن ۾ ريمسٽائن فارميٽ تحت منعقد 30 هين اجلاس …
برطانيه پاران يوڪرين لاءِ 2.7 ارب عسڪري امداد جو اعلان

مزید خبریں
لندن _ 10 سيٽمبر (اي پي پي ) برطانيه يوڪرين لاءِ 2 ارب پائونڊ (2.7 ارب آمريڪي ڊالرن ) جي عسڪري امداد جو اعلان ڪيو آهي . اها امداد برطانيه جي سربراهي ۾ قائم هڪ عالمي فنڊ ذريعي يوڪرين جي هٿيار بند فوج جي فوري ضرورت لاءِ ڏني ويندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو اعلان برطانيه جي دفاع واري وزارت طرفان لنڊن ۾ ريمسٽائن فارميٽ تحت منعقد 30 هين اجلاس بعد ڪيو ويو جنهن ۾ 50 ملڪن شرڪت ڪئي . اجلاس ۾ برطانيه جو دفاع وارو وزير جان هيلي ، جرمني جو بورس پسٽو ريوس ، يوڪرين جو وزيراعظم ۽ نيٽو جو سيڪريٽري جنرل به شريڪ هو . دفاع واري وزارت جي بيان مطابق ان امداد جو مقصد يوڪرين جي فوج کي اهم ۽ ترجيحي عسڪري ساز و سامان فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائي سگهن . جان هيلي ٻڌايو ته يوڪرين بابت عالمي فنڊ (آئي ايف يو ) هيستائين ڪيترائي ايئر ڊيفينس سسٽمز ، 600 کان وڌيڪ ڊرونز ، اليڪٽرانڪ وارفيئر سسٽمز ۽ ايئر ڊفينس ريڊار آسٽيشنز ڪيف پهچائي ڇڏيا آهن . وڌيڪ هٿيارن ۽ ساز و سامان جي فراهمي ايندڙ هفتن ۾ متوقع آهي . اها امداد يوڪرين جي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي عالمي ڪوششن جو حصو آهي جيڪا روس سان تڪرار دوران يوڪرين جي دفاعي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ ڏني پئي وڃي.










