قطر ۾ آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي پناهه گاهن ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 واشنگٽن/ دوحه - 10 سيٽمبر (اي پي پي ) قطر ۾ آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طورتي پنهنجي پناهه گاهن ۾ هليا وڃن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي سفارتخاني جي اها هدايت دوحه ۾ اسرائيل جي فضائي حملن جي فوري بعد سامهون آئي آهي. اسرائيل پنهنجن فضائي حملن ۾ هن ڀيري قطر ۾ حماس جي قيادت کي نشانو بڻايو آهي. اها قيادت جنگ …

 واشنگٽن/ دوحه – 10 سيٽمبر (اي پي پي ) قطر ۾ آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طورتي پنهنجي پناهه گاهن ۾ هليا وڃن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي سفارتخاني جي اها هدايت دوحه ۾ اسرائيل جي فضائي حملن جي فوري بعد سامهون آئي آهي. اسرائيل پنهنجن فضائي حملن ۾ هن ڀيري قطر ۾ حماس جي قيادت کي نشانو بڻايو آهي. اها قيادت جنگ بندي جي صدر ٽرمپ جي تازي تجويز تي غور لاءِ گڏ ٿي هئي ته گذريل ڏينهن حماس جي قيادت جي رهائش گاهه کي بمباري ڪري نشانو بڻايو ويو . سفارتخاني طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ايڪس “ تي لکيو ويو آهي ته اسان دوحه ۾ ميزائل حملن جي رپورٽ ڏٺي آهي . ان لاءِ آمريڪي سفارتخانو پنهنجي شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته هو مختلف جڳهن تي قائم پنهنجين پناهه گاهن ۾ هليا وڃن . سفارتخاني ان هدايت ۾ اهو واضع ناهي ڪيو ته آمريڪي شهرين کي ايندڙ ڪيترن ڪلاڪن يا ڏينهن لاءِ پناهه گاهن ۾ رهڻو پوندو ، جنهن مان لڳي ٿو ته اهو فيصلو ايندڙ حڪم تائين ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں