بيجنگ - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رھيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ڏينھن ڪاروباري سرگرمين دوران برينٽ ڪروڊ فيوچرز 61 سينٽ يا 0.92 سيڪڙو وڌي 67 ڊالر في بيرل تي پھچي ويو جڏھن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ فيوچرز 61 سينٽ يا 0.97 سيڪڙو جي اضافي سان 63.24 ڊالر في بيرل رھيو. او اين ڊي اي جي سينئر تجريه …
عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
بيجنگ – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رھيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ڏينھن ڪاروباري سرگرمين دوران برينٽ ڪروڊ فيوچرز 61 سينٽ يا 0.92 سيڪڙو وڌي 67 ڊالر في بيرل تي پھچي ويو جڏھن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ فيوچرز 61 سينٽ يا 0.97 سيڪڙو جي اضافي سان 63.24 ڊالر في بيرل رھيو. او اين ڊي اي جي سينئر تجريه ڪار چيو ته قيمتن ۾ تازو اضافو بنيادي طور جغرافيائي خطرن ۾ اضافي جو سبب ٿيو آھي، اسرائيل جا دوحا تي غير معمولي حملا خدشا وڌائي ڇڏيا آھن ته جيڪڏھن او پيڪ پلس ميمبر ملڪن جا پيداواري ٽڪاڻا متاثر ٿيا ته سپلائي ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي. شروعاتي طور ٻنھي بينچ مارڪس ۾ اٽڪل 2 سيڪڙو اضافو ٿيو پر بعد ۾ آمريڪا جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ قطر جي زمين تي ٻيھر اھڙو واقعو نه ٿيندو، قيمتن ۾ تيزي سان گھٽتائي ٿي جڏھن ته اھو واري به گذريل ڪاروباري ڏينھن کان وڌيڪ رھيو. آءِ جي مارڪيٽ جي تجزيه ڪار مطابق ڪچي تيل جي قيمتن ۾ محدود ردعمل ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي روس تي امڪاني اضافي پابندين جي دعون تي شڪ اھو ظاھر ڪرن ٿا ته تيل جي قيمتون ٻيھر دباءُ ۾ اچي سگھن ٿيون.










