ايران سان معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندو: رافيل گروسي

ويانا – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي چيو آهي ته ايجنسي کي اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ايران جي اختيارين سان ملڪ ۾ پنهنجن مڪمل ڪارروائين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي حوالي سان هڪ معاهدي تائين پهچي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رافيل گروسي ويانا ۾ آءِ اي اي اي جي بورڊ آف گورنرز جي هڪ اجلاس …

ويانا – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي چيو آهي ته ايجنسي کي اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ايران جي اختيارين سان ملڪ ۾ پنهنجن مڪمل ڪارروائين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي حوالي سان هڪ معاهدي تائين پهچي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رافيل گروسي ويانا ۾ آءِ اي اي اي جي بورڊ آف گورنرز جي هڪ اجلاس دوران چيو ته مونکي پوري اميد آهي ته اسان ايران سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڳالهه ٻولهه ذريعي اتفاق راءِ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، جنهن سان ايران سان اسانجي ضروري ڪم کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں