عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کنيا وڃن: ايران جو سپريم

تهران – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر، ملڪ جي صدر مسعود پيزشڪيان ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کنيا وڃن ۽ مهانگائي يا جنسن جي قيمتن کي وڌائڻ کان خوفزده ٿيڻ کانسواءِ عملي قدم کنيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه صدر پيزشڪيان سان ملاقات دوران چئي، جيڪو تازو …

تهران – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر، ملڪ جي صدر مسعود پيزشڪيان ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کنيا وڃن ۽ مهانگائي يا جنسن جي قيمتن کي وڌائڻ کان خوفزده ٿيڻ کانسواءِ عملي قدم کنيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه صدر پيزشڪيان سان ملاقات دوران چئي، جيڪو تازو ئي پنهنجي پهرين پرڏيهي دوري تي چين مان واپس موٽيو هو. خامنه اي ان دوري کي اهم قرار ڏيندي چيو ته چين سان سهڪار ايران لاءِ وڏي سياسي ۽ معاشي تبديلين جا دروازو کولي سگهي ٿو، ڇو جو بيجنگ آمريڪي پابندين کي منهن ڏيڻ لاءِ تهران ويجهو اچڻ تي مجبور آهي. پنهنجي تقرير ۾ ايران جي سپريم ليڊر جو وڌيڪ ڌيان داخلي حالتن تي هو. سندس چوڻ هو ته حڪومتن جو سڀني کان وڏو ڪم ملڪ جي قومي صلاحيت ۽ عزت نفس کي وڌائڻ آهي ۽ اهو ان وقت ممڪن آهي جڏهن عوام اندر جوش، اميد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏني وڃي.

مزید خبریں