اسرائيل جي يروشلم ويجهو فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا، 15 زخمي

يروشلم -08 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي گادي واري شهر يروشلم ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل فائرنگ جي واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا اسرائيلي ايمبولينس سروس جي حوالي سان ٻڌايو ته زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. فائرنگ جو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن شهري معمول مطابق هڪ مصروف بس اسٽاپ تي موجود هئا ته ٻن …

يروشلم -08 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي گادي واري شهر يروشلم ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل فائرنگ جي واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا اسرائيلي ايمبولينس سروس جي حوالي سان ٻڌايو ته زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. فائرنگ جو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن شهري معمول مطابق هڪ مصروف بس اسٽاپ تي موجود هئا ته ٻن هٿياربندن اوچتو فائرنگ شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ واقعي واري هنڌ تي ڀاڄ پئجي وئي. پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ٻنهي حملو ڪندڙن کي ماري ڇڏيو. اسرائيلي پوليس حملو ڪندڙن کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي.

مزید خبریں