بيجنگ-08 سيپٽمبر (اي پي پي)چين ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ سومر تي يوم دفاع شهداءَ پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن دوران جهنڊو ڦڙڪايو ويو. تقريب ۾ سفارتخاني جي آفيسرن ، چين ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير خليل هاشمي مادر وطن جي سپوتن کي خراج عقيدت پيش …
چين ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ يوم دفاع جي تقريب ، سفير خليل هاشمي جهنڊو ڦڙڪايو

مزید خبریں
بيجنگ-08 سيپٽمبر (اي پي پي)چين ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ سومر تي يوم دفاع شهداءَ پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن دوران جهنڊو ڦڙڪايو ويو. تقريب ۾ سفارتخاني جي آفيسرن ، چين ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير خليل هاشمي مادر وطن جي سپوتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي بي مثال جرئت، عزم ۽ پيشيواراڻين صلاحيتن سان ملڪ جو دفاع ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي قربانين ۽ وطن جي دفاع لاءِ سندن عزم کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. سفير پاڪ فوج جي پيشيواراڻين مهارتن، نظم و ضبط ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستي وارن لاڳاپن تي روشني وجهندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










