صفائي جي نظام کي بھتر ۽ معياري بڻائڻ سان وچولي ۽ گھٽ آمدني واري ملڪن جي مجموعي پيداوار ۾ 5 سيڪڙو تائين اضافو ممڪن آھي: عالمي بئنڪ

اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آھي ته صفائي جي نظام کي بھتر بڻائڻ سان وچولي ۽ گھٽ آمدني وارن ملڪن جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 5 سيڪڙو تائين اضافو ممڪن آھي. اھا ڳالھه عالمي بئنڪ جي ھڪ تازي جاچ رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آھي. صفائي جي بحران تي فوري قدمن جي ضرورت جي نالي سان جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته صفائي جي …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آھي ته صفائي جي نظام کي بھتر بڻائڻ سان وچولي ۽ گھٽ آمدني وارن ملڪن جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 5 سيڪڙو تائين اضافو ممڪن آھي. اھا ڳالھه عالمي بئنڪ جي ھڪ تازي جاچ رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آھي. صفائي جي بحران تي فوري قدمن جي ضرورت جي نالي سان جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته صفائي جي ناقص انتظامن جي نتيجي ۾ شھرن، اقتصادي اوسر ۽ ماحوليات تي سنگين اثر پھجي رھيا آھن. رپورٽ مطابق سڄي دنيا ۾ ھر پنجن مان ٻه ماڻھو صفائي جي ناقص انتظامن کي منھن ڏئي رھيا آھن، گھٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ شھرن کي صفائي جي ناقص انتظامن، غربت، ماحولياتي ۽ موسمياتي خطرن کي مسلسل منھن ڏيڻو پھچي رھيو آھي. ٻوڏ، ڏڪار ۽ سمنڊن جي سطح ۾ اضافي جھڙي موسمياتي سببن جي ڪري صفائي جي پھرين کان ڪمزور نظام تي وڌيڪ بار وڌي رھيو آھي جنھن سبب انھن ملڪن ۾ مجموعي قومي پيداوار ۾ گھٽتائي اچي رھي آھي. رپورٽ ۾ صفائي جي فعال، اثرائتي ۽ ماحول دوست نظام جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ويو آھي ته صفائي جي معياري خدمتن جي فراھمي سان انساني صحت، معيشت ۽ روزگار جا موقعا وڌڻ سان گڏو گڏ نوڪرين جي تعداد ۾ اضافو ۽ گدلاڻ ۾ گھٽتائي ممڪن آھي. رپورٽ ۾ ان شعبي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ويو آھي ته آفريقا ۾ صفائي جي انتظامن لاءِ ھڪ ڊالرن جي سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ 7 ارب ڊالرن جو فائدو حاصل ٿي سگھي ٿو جڏھن ته قومي پيداوار ۾ 5 سيڪڙو اضافو ممڪن آھي. رپورٽ ۾ صفائي جي بھتر انتظامن لاءِ ان کي مقامي، علائقائي ۽ قومي سطح تي اعليٰ ترين ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آھي.

مزید خبریں