لبنان جي حڪومت هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي فوج جي منصوبابندي جي تائيد ڪري ڇڏي

پيروت -08 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي حڪومت هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي فوج  پاران منصوبابندي جي مڪمل حمايت ۽ تائيد ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه لبنان جي زراعت واري وزير نزار هاني  مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته حڪومت لبنان جي فوج کي ان ڳالهه جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، ته هو هٿيارن جي ڪنٽرول لاءِ وقت مقرر ڪري. هن چيو ته فوج جو …

پيروت -08 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي حڪومت هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي فوج  پاران منصوبابندي جي مڪمل حمايت ۽ تائيد ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه لبنان جي زراعت واري وزير نزار هاني  مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته حڪومت لبنان جي فوج کي ان ڳالهه جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، ته هو هٿيارن جي ڪنٽرول لاءِ وقت مقرر ڪري. هن چيو ته فوج جو سربراهه ان حوالي سان حڪومت کي باقاعدگي سان رپورٽ پيش ڪندو. جڏهن ته شيعا اتحاد سان تعلق رکندڙ وزيرن ان موضوع تي وڌيڪ بحث لاءِ وقت وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن زور ڀريو ته اسرائيل کي ڏکڻ لبنان جي پنج تڪراري هنڌن تان پوئتي هٽڻ گهرجي. هن چيو ته آمريڪا جي تجويز اسرائيل تي به ذميواريون لاڳو ڪرائي ٿي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن ڏکڻ لبنان جي علائقي راس الناقوره ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي نگراني ڪندڙ ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ آمريڪي ايلچي مورگن اورٽاگوس ۽ آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه براد ڪوپر به شرڪت ڪئي

مزید خبریں