تهران-08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته هو هڪ حقيقي ۽ عمل جوڳي معاهدي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ يورنيم رچاءِ تي نگراني ۽ سخت پابنديون شامل هجن، ان شرط تي ته ملڪ تي لڳل پابنديون ختم ڪيون وڃن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران کي سفارتڪاري جا دروازا کولي رکڻ جي خواهش آهي. هن چيو ته اسان هڪ اهڙو معاهدو ڪرڻ …
پابنديون ختم ڪرڻ جي بدلي هڪ حقيقي معاهدي لاءِ تيار آهيون: ايران

مزید خبریں
تهران-08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته هو هڪ حقيقي ۽ عمل جوڳي معاهدي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ يورنيم رچاءِ تي نگراني ۽ سخت پابنديون شامل هجن، ان شرط تي ته ملڪ تي لڳل پابنديون ختم ڪيون وڃن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران کي سفارتڪاري جا دروازا کولي رکڻ جي خواهش آهي. هن چيو ته اسان هڪ اهڙو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جيڪو سخت نگراني ۽ يورنيم رچاءَ تي پابندين تي ٻڌل هجي، پر ان جي بدلي پابنديون ختم ڪيون وڃن. جيڪڏهن ان موقعي مان نه فائدو نه کنيو ويو ته ان جا تباهي جوڳا نتيجا خطي ۽ ان کان اڳتي هڪ بلڪل نئين درجي تي ظاهر ٿي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو، ته ٻنهن کي سفارتڪاري کي ڪاميابي لاءِ گهربل وقت ۽ گنجائش ڏيڻي پوندي، ان جو متبادل ڪنهن لاءِ سٺو نه هوندو.










