واشنگٽن-05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي واپاري خساري ۾ هلندڙ سال جولاءِ ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ آمدني واپار ۾ واڌ آهي. ماهرن موجب جيڪڏهن اهو رجحان جاري رهيو ته هلندڙ ٽه ماهيءَ ۾ واپار جو مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي واپار واري کاتي جي بيورو آف اڪنامڪ ايناليسس جي حوالي سان ٻُڌايو ته واپاري خسارو 32.5 …
آمريڪا جو جولاءِ ۾ واپاري خسارو 32 سيڪڙو واڌ سان 78.3 بلين ڊالرن تائين پهچي ويو

مزید خبریں
واشنگٽن-05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي واپاري خساري ۾ هلندڙ سال جولاءِ ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ آمدني واپار ۾ واڌ آهي. ماهرن موجب جيڪڏهن اهو رجحان جاري رهيو ته هلندڙ ٽه ماهيءَ ۾ واپار جو مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي واپار واري کاتي جي بيورو آف اڪنامڪ ايناليسس جي حوالي سان ٻُڌايو ته واپاري خسارو 32.5 سيڪڙو کان وڌي 78.3 بلين ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ۾ ماهرن جي سروي موجب خسارو 75.7 بلين ڊالرن تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. آمريڪي معيشت گذريل ٽه ماهيءَ ۾ 3.3 سيڪڙو سالياني اؤسر واري شرح کان وڌي جڏهن ته پهرين ٽه ماهيءَ ۾ هي 0.5 سيڪڙو سڪڙجي وئي هئي. ايٽلانٽا فيڊرل ريزرو ان ٽه ماهيءَ ۾ 3.0 سيڪڙو اؤسر واري شرح جي اڳڪٿي ڪئي آهي. انگن اکرن موجب جولاءِ ۾ آمريڪا جو آمدني واپار 5.9 سيڪڙو وڌي 358.8 بلين ڊالر ٿي ويو، صرف سامان جو آمدني واپار 6.9 سيڪڙو کان وڌي 283.3 بلين ڊالرن تائين پهتو، ان ۾ صنعتي سامان ۽ مٽيريل جي آمدني واپار ۾ 12.5 بلين ڊالرن جو اضافو ٿيو.










