اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)عالمي بئنڪ چيو آهي ته 2030ع تائين ڏکڻ ايشيا جي خطي جي 89 سيڪڙو آبادي کي شديد گرمي ۽ 22 سيڪڙو تي شديد ٻوڏ جي خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو، اها ڳالهه عالمي بئنڪ پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب ڏکڻ ايشيا اڀرندڙ معيشتن ۾ سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن جو شڪار آهي جتي حڪومتن جا مالي وسيلا محدود هجڻ سبب موسمياتي …
ڏکڻ ايشيا 2030ع تائين خطي جي 89 سيڪڙو جي آبادي کي شديد گرمي، 22 سيڪڙو کي شديد ٻوڏ جا خطرا درپيش هوندا: عالمي بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)عالمي بئنڪ چيو آهي ته 2030ع تائين ڏکڻ ايشيا جي خطي جي 89 سيڪڙو آبادي کي شديد گرمي ۽ 22 سيڪڙو تي شديد ٻوڏ جي خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو، اها ڳالهه عالمي بئنڪ پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب ڏکڻ ايشيا اڀرندڙ معيشتن ۾ سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن جو شڪار آهي جتي حڪومتن جا مالي وسيلا محدود هجڻ سبب موسمياتي تبديلين جي مناسب قدمن جو بار اڪثر گهرن ۽ ڪاروباري ادارن تي اچي سگهي ٿو. رپورٽ موجب خطي ۾ ٽي ڀاڱي چار کان وڌيڪ خاندان ۽ ڪمپنيون ايندڙ 10 سالن ۾ شديد موسمي واقعن جي توقع ڪري رهيا آهن، اٽڪل 80 سيڪڙو خاندانن ۽ 63 سيڪڙو ڪمپنيون اڳ ئي موسمياتي تبديلين خلاف ڪجهه نه ڪجهه قدم کنيا آهن پر انهن ۾ وڌيڪ بنيادي ۽ گهٽ لاڳت وارا طريقا شامل آهن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفرا اسٽرڪچر تائين پهچ گهٽ آهي. رپورٽ موجب 2030ع تائين خطي جي 89 سيڪڙو آبادي کي شديد گرمي ۽ 22 سيڪڙو کي شديد ٻوڏ جي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ٻهراڙي ۽ زرعي خاندان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.










