واشنگٽن-05 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دفاع واري کاتي جو نالو تبديل ڪري ڊپارٽمينٽ آف وار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ايگزيڪيٽو آرڊر ذريعي ان نئين نالي کي ثانوي طور تي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندو، وائيٽ هائوس موجب ان تبديلي تحت دفاعي اختياريون ايگزيڪيٽو برانچ جي انڊر سيڪريٽري آف وار جيسيٽائٽلز کي …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان دفاع کاتي جو نالو تبديل ڪري ڊپارٽمينٽ آف وار رکڻ جو فيصلو

مزید خبریں
واشنگٽن-05 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دفاع واري کاتي جو نالو تبديل ڪري ڊپارٽمينٽ آف وار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ايگزيڪيٽو آرڊر ذريعي ان نئين نالي کي ثانوي طور تي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندو، وائيٽ هائوس موجب ان تبديلي تحت دفاعي اختياريون ايگزيڪيٽو برانچ جي انڊر سيڪريٽري آف وار جيسيٽائٽلز کي سرڪاري لک پڙهه، عوامي پيغام، تقريبن ۽ غير قانوني دستاويزن ۾ استعمال ڪري سگهندو. اهو فوري طور تي واضح ناهي ڪيو ويو ته ٽرمپ ڪڏهن ان آرڊر تي صحيحون ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، پر جمعي لاءِ سندس عوامي شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته هو منجهند جو ايگزيڪيٽو آرڊر تي صحيحون ڪرڻ سان گڏوگڏ اوول آفيس ۾ اعلان به ڪندو.










