گڏيل قومن طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ان جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان  تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

گڏيل قومون – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش پاڪستان ۾ تازي تباهي جوڳي ٻوڏ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ اٽڪل  15 لک ماڻهو متاثر ٿيا. جنرل سيڪٽري جي ترجمان اسٽيفن دوجاڪ مطابق اها ٻوڏ شديد سانوڻي برساتن سبب آئي جنهن کي موسمي تبديلين وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو، ان قدرتي آفت سبب 3،000 کان وڌيڪ گهر، …

گڏيل قومون – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش پاڪستان ۾ تازي تباهي جوڳي ٻوڏ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ اٽڪل  15 لک ماڻهو متاثر ٿيا. جنرل سيڪٽري جي ترجمان اسٽيفن دوجاڪ مطابق اها ٻوڏ شديد سانوڻي برساتن سبب آئي جنهن کي موسمي تبديلين وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو، ان قدرتي آفت سبب 3،000 کان وڌيڪ گهر، 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ 40 جي ويجهو صحت جي مرڪزن کي نقصان پهتو جڏهن ته لکين ماڻهن کي فوري انساني امداد جي ضرورت آهي. سيڪريٽري جنرل پاڪستاني حڪومت جي امدادي ڪوششن کي ساراهيندي پنجاب ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي تي تعريف ڪئي. هن  فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو ورجاءِ ڪيو.

مزید خبریں