ماسڪو – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) روسي صدر ولاديمير پيوٽن تصديق ڪئي آهي ته هو يوڪريني صدر ولاديميرزيلنڪسي سان ملاقات لاءِ تيار آهي شرط اها آهي ته اها ملاقات سٺي طرح تيار هجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن چيو ته کيس ان ڳالهه جو يقين آهي ته يوڪريني صدر سان ڪا به ملاقات عملي نتيجو نه آڻيندي. پر هن واضع ڪيو ته هن آمريڪي صدر ٽرمپ کي زيلنڪسي سان ماسڪو ۾ ملاقات …
ولاديمير زيلنڪسي سان ملاقات لاءِ تيار آهيان: ولاديمير پيوٽن

مزید خبریں
ماسڪو – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) روسي صدر ولاديمير پيوٽن تصديق ڪئي آهي ته هو يوڪريني صدر ولاديميرزيلنڪسي سان ملاقات لاءِ تيار آهي شرط اها آهي ته اها ملاقات سٺي طرح تيار هجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن چيو ته کيس ان ڳالهه جو يقين آهي ته يوڪريني صدر سان ڪا به ملاقات عملي نتيجو نه آڻيندي. پر هن واضع ڪيو ته هن آمريڪي صدر ٽرمپ کي زيلنڪسي سان ماسڪو ۾ ملاقات جي پنهنجي تياري بابت ٻڌائي ڇڏيو هو. يوڪرين ۾ جنگ جي حوالي سان روسي صدر چيو ته روس زمين لاءِ نه پر ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته يوڪرين کي پنهنجي سيڪيورٽي ضمانتن جي چونڊ ڪرڻ جو حق آهي پر اسان کي اهو به طئي ڪرڻ جو حق آهي ته اسان جي سيڪيورٽي ڪيئن محفوظ رهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان عقل کان ڪم وٺون ته اسان يوڪرين ۾ تڪرار ختم ڪري سگهون ٿا. عالمي سطح تي روسي صدر چيو ته يورپي يونين جي معيشت ٻاڙائي جو شڪار آهي. توانائي جي عالمي طلب ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي. هن پنهنجي چين جي تازي دوري کي سياسي ۽ اقتصادي ٻنهن سطحن تي مثبت ۽ فائديمند قرار ڏنو.










