پرتگال ۾ ڪيبل ٽرين حادثو، 15 ڄڻا فوت، 20 زخمي

لزبن-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پرتگال جي گادي واري شهر لزبن ۾ ڪيبل ٽرين جي حادثي ۾ 15 ماڻهو فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب حادثو ايوينيڊ اداليبرداد ويجهو پيش آيو جتي شهر جي مشهور گلوريا فنيڪيولر (ڪيبل ٽرين) پٽڙي تان لهي هڪ عمارت سان ٽڪرائجي وئي، شروعاتي ڄاڻ موجب ٽريڪ تي نصب ڪيبل اوچتو ٽٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ضابطي مان نڪري ويجهي عمارت …

لزبن-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پرتگال جي گادي واري شهر لزبن ۾ ڪيبل ٽرين جي حادثي ۾ 15 ماڻهو فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب حادثو ايوينيڊ اداليبرداد ويجهو پيش آيو جتي شهر جي مشهور گلوريا فنيڪيولر (ڪيبل ٽرين) پٽڙي تان لهي هڪ عمارت سان ٽڪرائجي وئي، شروعاتي ڄاڻ موجب ٽريڪ تي نصب ڪيبل اوچتو ٽٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ضابطي مان نڪري ويجهي عمارت سان ٽڪرائجي وئي، ان واقعي کي شهر لاءِ هڪ خوفناڪ لمحو قرار ڏنو ويو آهي، پرتگال جي صدر ۽ يورپي ڪميشن جي صدر حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته فوت ٿي ويلن ۾ پرڏيهي شهري پڻ شامل آهن جن جي سڃاڻپ جي وضاحت ناهي ڪئي وئي.

مزید خبریں