گيانا جي صدر عرفان علي ٻي مدي لاءِ چونڊن ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي

جارج ٽان-04 سيپٽمبر (اي پي پي) گيانا جي صدر عرفان علي ٻي مدي لاءِ چونڊن ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر عرفان علي کي ملڪ جي تيل جي نون ذخيرن کي خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڙيسري ملڪ وينز ويلا سان ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ جو مشڪل ڪم درپيش هوندو. عرفان علي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ وڏي اڪثريت آهي ۽ اسان ملڪ کي …

جارج ٽان-04 سيپٽمبر (اي پي پي) گيانا جي صدر عرفان علي ٻي مدي لاءِ چونڊن ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر عرفان علي کي ملڪ جي تيل جي نون ذخيرن کي خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڙيسري ملڪ وينز ويلا سان ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ جو مشڪل ڪم درپيش هوندو. عرفان علي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ وڏي اڪثريت آهي ۽ اسان ملڪ کي اڳيان کڻي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. واضح رهي ته گيانا ۾ سومر تي ٿيل چونڊن جا سرڪاري نتيجا هن وقت تائين جاري ناهن ڪيا ويا. ٻي مدي لاءِ صدارتي عهدو  سنڀالڻ جي دعويٰ ڪندڙ عرفان علي کي هن وقت ملڪ جي نئين سر تعمير جو وڏو چئلينج درپيش آهي. جڏهن ته گيانا جو شمار لاطيني آمريڪا ۾ غربت جي بلند ترين شرح وارن ملڪن ۾ ٿئي ٿو.

مزید خبریں