سعودي ولي عهد سان اماراتي صدرجي ملاقات ، فلسطين سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-04سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان رياض ۾ يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن  وچ ۾ لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ انهن کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي وسيع بحث جي حصي طور فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي …

رياض-04سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان رياض ۾ يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن  وچ ۾ لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ انهن کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي وسيع بحث جي حصي طور فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي توانائي وارو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان، گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف، نيشنل گارڊ جو وزير شهزاده عبدالله بن بندر بن عبدالعزيز، دفاع جو وزير شهزاده خالد بن سلمان، پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سميت مملڪتي وزير، ڪابينا ميمبر ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيبان پڻ موجود هئا.

مزید خبریں