اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سي پي اين اي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل عامر محمود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته عامر محمود صحافت ۽ اشاعتي دنيا جو هڪ معتبر نالو هو جنهن پنهنجي پيشيواراڻي خدمتن سان صحافت جي شعبي ۽ ادب کي نيون جدتون فراهم ڪيون. هن چيو ته مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.