سنڌ جي وڏي وزير پاران آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن لاءِ سڄي صوبي ۾ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور منظم شيڊيول جو اعلان

ڪراچي -30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزادي ڏهاڙي جي تقريبن لاءِ سڄي صوبي ۾ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور منظم شيڊيول جو اعلان ڪندي چيو آهي  ته هي تقريبون پهرين آگسٽ کان شروع ٿينديون جن جو ٿيم " حق جي ويڙهه" هوندو جيڪو قومي فخر ۽ ظلم خلاف حق جي فتح جي علامت آهي، "پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت دهشتگردي کان نٿي …

ڪراچي -30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزادي ڏهاڙي جي تقريبن لاءِ سڄي صوبي ۾ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور منظم شيڊيول جو اعلان ڪندي چيو آهي  ته هي تقريبون پهرين آگسٽ کان شروع ٿينديون جن جو ٿيم ” حق جي ويڙهه” هوندو جيڪو قومي فخر ۽ ظلم خلاف حق جي فتح جي علامت آهي، "پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت دهشتگردي کان نٿي ڊڄي. سنڌ ۾ جشن آزادي جون تقريبون شان ۽ شوڪت سان ٿينديون. دهشتگردي جا خطرا اسان کي روڪي نٿا سگهن. سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سوشل ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن سال آزادي جون تقريبون روايتي تقريبن کان اڳتي وڌي حب الوطني جو جذبو ٻيهر زنده ڪرڻ، سنڌ جي ثقافتي عظمت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ تازي ٻوڏ کانپوءِ عوام جي حوصلي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن. هن واضح ڪيو ته جشن آزادي رڳو آزادي ملهائڻ جو ڏينهن نه پر ڀارت خلاف حق جي فتح جي حيثيت سان ملهائجي ٿو ته جيئن عوام کي آزاديءَ تي فخر ۽ مظلوم قومن سان همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿئي. وڏي وزير معاشي ترقيءَ بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته "اُڏام پاڪستان” جهڙا فليگ شپ پروگرامز به تقريبن جو حصو بڻايا ويندا. خصوصي تقريبن ۾ پھرين آگسٽ تي پروگرامن جي باقاعدي شروعات، 5 آگسٽ تي ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ خلاف تقريب سان ڪئي ويندي.وڏي وزير ٻڌايو ته گورک هل ۽ ٿر جي سير لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهو انهن علائقن ۾ وڃي جشن ۾ حصو وٺي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ ٽريفڪ جي مڪمل رٿابندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي نگراني هيٺ جاري آهي ۽ عوام کان اپيل ڪئي ته تقريبن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڀرپور تعاون ڪن. وڏي وزير سڀني سياسي جماعتن کي دعوت ڏني ته انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪن ۽ چيو ته باضابطه دعوت ناما جلد موڪليا ويندا. تعليمي ادارا کليل رهندا ۽ تعليم کاتو خاص سرگرميون ڪندو. پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر ۽ ذوالفقار شاهه پڻ وڏي وزير سان گڏ هئا.