آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير جي گوگل جي ريجنل اي آءِ ڊولپر ايڪو سسٽم ۽ ڪميونٽيز ٽيم سان ملاقات

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه گوگل جي ريجنل اي آءِ ڊولپر ايڪو سسٽم ۽ ڪميونٽيز ٽيم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گوگل ٽيم پاڪستان ۾ گوگل ڊولپر گروپس (جي ڊي جيز)، ڪميونٽي بيسڊ اي آءِ منصوبن ۽ …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه گوگل جي ريجنل اي آءِ ڊولپر ايڪو سسٽم ۽ ڪميونٽيز ٽيم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گوگل ٽيم پاڪستان ۾ گوگل ڊولپر گروپس (جي ڊي جيز)، ڪميونٽي بيسڊ اي آءِ منصوبن ۽ تعليم تي ٻَڌل مؤثر پليٽ فارم تعليم آباد جهڙن قدمن ذريعي ٿيندڙ مثبت اثرن کان آگاهه ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي وفاقي وزير جي اين پلس ون ٽيم سان به ملاقات ٿي، جنهن کي ويجهڙ ۾ گوگل سلوشن چئلينج ۾ دنيا جي 10 ٽاپ ٽيمن ۾ چونڊيو ويو جنهن فلپائن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. وفاقي وزير نوجوان ڊولپرز جي ان ڪاميابيءَ کي ساراهيو ۽ چيو ته هي پاڪستان جي ٽيلنٽ جو واضح ثبوت آهي جنهن کي حڪومتي معاونت، تربيت ۽ موقعن ذريعي هٿي ڏيڻ گهرجي. ملاقات دوران وفاقي وزير حڪومت جي ان ويزن تي زور ڀريو ته اي آءِ جي تربيت کي ٽن بنيادي شعبي ۾ ترجيحي ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ پهريون مرڪزي ڌاري جي تعليم (نرسري کان يونيورسٽيءَ) تائين، ٻيو ورڪ فورس فري لانسرز ۽ ٽيون صنعتي شعبو آهي. هن اي آءِ سکو پروگرام، اسٽينڊ باڪس ماحول ۽ ڪلائوڊ ڪريڊٽس جي فراهميءَ ۾ سهولتڪاري جي اهميت تي روشني وڌي. آخر ۾ هن گوگل ۽ آءِ ٽي واري وزارت وچ ۾ مؤثر تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان کي عالمي اي آءِ ايڪو سسٽم ۾ مؤثر انداز ۾ شامل ڪري سگهجي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل بااختياريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي.

مزید خبریں