اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ چيو آهي ته حق جي معرڪي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ، نشان امتياز (ملٽري) جي ڪردار تي پوري قوم جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز ۾ شهيدن جي ڏهاڙي جي تقريب …
حق جي معرڪي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار تي پوري قوم جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو: مشعال ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ چيو آهي ته حق جي معرڪي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ، نشان امتياز (ملٽري) جي ڪردار تي پوري قوم جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز ۾ شهيدن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مشعال ملڪ چيو ته حق جي معرڪي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري) جي ڪردار تي پوري قوم جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جون عالمي اڳواڻن سميت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقاتون مثبت رهيون آهن، هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. مشعال ملڪ چيو ته ڀارت پهلگام يا ٻي هٿ ٺوڪي دهشتگرداڻي واقعي جي آڙ ۾ بنا ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳائي سگهي ٿو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان سيز فائر بهترين قدم آهي پر ڀارت مڪار دشمن آهي. هن چيو ته پاڪستان جو خطي ۾ ڪردار مثبت آهي جنهن کي سڄو خطو ساراهي ٿو، ڪشميري شهيدن جي قربانين سان ڪشمير جلد آزاد ٿيندو. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي حڪومت ڄمون ڪشمير ۾ امن پسند سياسي قيادت کي نظربند ڪيو آهي ۽ آزادي ۽ امن جي ڳالهه ڪندڙ سياسي قيادت کي ڪوڙن ڪيس ۾ قيد ڪري رکيو آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 370 جي معطلي کانپوءِ ڀارت ڪشمير ۾ جاگرافيائي تبديليون ڪري رهيو آهي.











