نائب وزيراعظم آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان

اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم جي 32هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اي آر ايف جي وزارتي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ايشيا پيسفڪ خطي کي متاثر …

اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم جي 32هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اي آر ايف جي وزارتي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ايشيا پيسفڪ خطي کي متاثر ڪندڙ سياسي ۽ سلامتي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي امن، استحڪام ۽ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ترجمان چيو ته آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم، ڪينيڊين پرڏيهي وزير انيتا آنند، آسٽريلوي پرڏيهي وزير سينيٽر پيني وونگ، لائو پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير، سريلنڪا جي پرڏيهي وزير وجيٿا هيراٿ، روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف، يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ۽ نائب صدر ڪاجا ڪالس، سوئيٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته انهن اڳواڻن جاري ٻطرفي مصروفيتن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، تعليم، سياحت، اعليٰ سطحي سياسي مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. هن خطي جي تازي اڳڀرائي سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں