13 جولاءِ تي شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو ڊوگره فورسز جي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ شهادت ماڻيندڙن جي ياد ۾ ملهايو ويندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته 13 جولاءِ تي 94هون ”شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو“ انهن 22 ڪشميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهايو ويندو، جن 1931ع ۾ سرينگر ۾ ڊوگره فورسز جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان شهيدن جي جرئت ۽ بهادري …

اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته 13 جولاءِ تي 94هون ”شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو“ انهن 22 ڪشميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهايو ويندو، جن 1931ع ۾ سرينگر ۾ ڊوگره فورسز جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان شهيدن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادي جي لاءِ هڪ دليراڻي جدوجهد ڪئي. ترجمان چيو ته اها انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سرينگر سانحي کي 94 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪشميرين جي خراب حالت نه ختم ٿيڻ واري آهي. هن چيو ته ڀارتي فورسز کي سخت ايمرجنسي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن تحت ڪنهن به ڪشميري کي قتل ڪرڻ ۽ ڪنهن به ملڪيت کي تباهه ڪرڻ جي ڇوٽ حاصل آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني جي عدالت کان مٿانهين قتل جي نائين ورسيءَ ملهائي وئي، برهان مظفر واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو عدالت کان مٿانهون قتل ٿيو. ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ته اها والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهين قتل ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال کان پاسو ڪري.

مزید خبریں