ترقي جو نئون سفر، ترقياتي بجيٽ 1000 ارب روپيا ”اڏار پاڪستان“ پروگرام سان هم آهنگ قومي حڪمت عملي تي قدم جاري

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت هلندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 1000 ارب روپين جي ماليت جو پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام منظور ڪيو آهي. ان جي منظوري قومي اقتصادي ڪائونسل وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني هئي. ترقياتي رٿائن جي ان بجيٽ ۾ 229 ارب روپيا پرڏيهي امداد سان ڪئي ويندي. ماهوار ترقياتي رپورٽ موجب ترجيحي بنيادن تي منصوبن ۾ 26-2025ع ۾ قومي سطح تي اهميت رکندڙ …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت هلندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 1000 ارب روپين جي ماليت جو پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام منظور ڪيو آهي. ان جي منظوري قومي اقتصادي ڪائونسل وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني هئي. ترقياتي رٿائن جي ان بجيٽ ۾ 229 ارب روپيا پرڏيهي امداد سان ڪئي ويندي. ماهوار ترقياتي رپورٽ موجب ترجيحي بنيادن تي منصوبن ۾ 26-2025ع ۾ قومي سطح تي اهميت رکندڙ ميگا يا پرڏيهي مالي مدد سان جاري اسڪيمون، پڄاڻي جي مرحلي وارا منصوبا شامل آهن. هن حڪمت عملي جو بنيادي مقصد هي آهي ته وسيلن کي غير ضروري ورڇ بدران اهڙن منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي جيڪي معيشت لاءِ فوري فائدي جو سبب بڻجي سگهن ۽ جن جي وقت سر تڪميل ممڪن ٿئي، حڪومت جو ترقياتي پروگرام مڪمل طور اڏام پاڪستان نالي 5Es تي ٻڌل قومي اقتصادي تبديلي جي فريم ورڪ سان هم آهنگ آهي. ان ۾ ترقي جو محور 5 اهم شعبن کي قرار ڏنو ويو آهي، روانگي واپار، روانگي واپار جي شعبي ۾ جدت، سهولتڪاري ۽ مارڪيٽ تائين پهچ جي توسيع، اي پاڪستان ڊجيٽل گورننس، آءِ ٽي ۽ انٽرنيٽ ايڪو سسٽم جي توسيع، ماحوليات، ماحولياتي تحفظ، پاڻي، ۽ قدرتي وسيلن جو پائيدار استعمال، توانائي، تجديد جوڳي توانائي ۽ توانائي جي حفاظت ۽ رسد سميت برابري ۽ بااختياري ڪمزور طبقن، عورتن ۽نوجوانن کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ آهي. ترقياتي منصوبن ۾ مجموعي طور بجيٽ جو 63 سيڪڙو حصو انفراسٽرڪچر  بابت منصوبن لاءِ رکيو ويو آهي. ان ۾ هيٺ ڏنل شعبا شامل آهن. ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات، موٽر ويز، هاءِ ويز، ريل نيٽ ورڪ شامل آهن. پاڻي وسيلا، ڊيمز، نهري نظام، واٽر سپلائي جون اسڪيمون. توانائي، بجلي، گئس تجديد جوڳي توانائي، منصوبا ۽ هائوسنگ ۽ فزيڪل پلاننگ، شهري منصوبابندي، رهائشي اسڪيمون به آهن. سماجي شعبي ۾ صحت، اعليٰ تعليم، بنيادي تعليم ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف (SDGs) بابت منصوبن لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ 17 سيڪڙو بجيٽ رکي وئي آهي. ان سان نه رڳ انساني ترقي کي هٿي ملندي پر ملڪ جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ٽيڪنالاجي، گورننس سڌارا، صنعتي پيداوار ۽ جدت تي ٻڌل منصوبن لاءِ به رقم رکي وئي آهي ته جيئن پاڪستان عالمي چٽاڀيٽي واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي. هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ پٺتي پيل علائقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ترقياتي پروگرام ۾ علائقائي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ هيٺ ڄاڻايل علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. بلوچستان ۾ تعليم، صحت، روڊن ۽ پاڻي جي منصوبن لاءِ ترجيحي فنڊنگ، آزاد ڄمون ڪشمير ، گلگت بلتستان ۽ ضم ٿيل ضلعن لاءِ سالياني ترقياتي پروگرامز تحت وڏي رقم رکي وئي آهي. جاري منصوبن تي مڪمل ڌيان 98 سيڪڙو وسيلا رکيا ويا آهن. 26-2025ع جو هڪ نمايان پاسو هي آهي ته 98 سيڪڙو کان وڌيڪ فنڊز صرف جاري منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن. هن قدمن جو مقصد پراڻن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ، فنڊن کي ضايع ٿيڻ کان روڪڻ ۽ عوام کي ان جا جلد فائدا مهيا ڪرڻ آهي. نئين اسڪيمن لاءِ محدود وسيلا رکيا ويا آهن ته جيئن پراڻا واعدا عملي شڪل اختيار ڪن. 26-2025ع جو ترقياتي بجيٽ هڪ متوازن، بامقصد ۽ حقيقت پسنداڻي ترقياتي بجيٽ آهي جيڪا موجوده حڪومت جي ويزن ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ترتيب ڏني وئي آهي. ان ذريعي حڪومت انفرا اسٽرڪچر جي ترقي، انساني وسيلن ۾ بهتري، برابري جي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم نظر اچي ٿي.

مزید خبریں