آمريڪي رياست ۾ ٽيڪساس ۾ ٻوڏ واري صورتحال، فوت ٿي ويلن جو انگ 24 ٿي ويو

نيويارڪ -05 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 24 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيرڪانٽي جي شيرف ليري ليٿا پريس ڪانفرنس ۾ 24 ڄڻن جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته سمر ڪيمپ مان گم ٿيل گهٽ ۾ گهٽ 20 نياڻين جي ڳولا جاري آهي، هن چيو ته سان انتونيو جي اتر اولهه ۾ علائقي ۾ …

نيويارڪ -05 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 24 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيرڪانٽي جي شيرف ليري ليٿا پريس ڪانفرنس ۾ 24 ڄڻن جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته سمر ڪيمپ مان گم ٿيل گهٽ ۾ گهٽ 20 نياڻين جي ڳولا جاري آهي، هن چيو ته سان انتونيو جي اتر اولهه ۾ علائقي ۾ ڦاٿل رهواسين جي تلاش لاءِ ريسڪيو ٽيمن جون ڪوششون جاري آهن. ٽيڪساس جي ليفٽيننٽ گورنر ڊين پيٽرڪ پنهنجي اڳوڻي ڪانفرنس ۾ چيو هو ته مري ويلن ۾ ڪجهه ٻار به شامل هئا. ڪانٽي شيرف به ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته ٻار اڃا تائين گم آهن، 25 ماڻهو گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي.

مزید خبریں