اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي لاءِ مفاهمت ۾ ان جي اهم ڪردار کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي پرخلوص جذبن جو اظهار ڪيو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان پنهنجي تازي 24 جون جي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي لاءِ مفاهمت ۾ ان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان جولاءِ جي مهيني جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ ان مدي کي سعودي عرب جي حمايت سان گذارڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سعودي سفير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.