ايران اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪندڙ شخص کي ڦاهي ڏئي ڇڏي

تهران-16 جون (اي پي پي) ايران، اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪندڙ شخص کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي عدالت، سومر ڏينهن چيو آهي ته سال 2023ع ۾ گرفتار هڪ جاسوس اسماعيل فڪري کي ڦاهي ڏني وڃي. اسماعيل فڪري کي اسرائيل جي موساد انٽيليجنس ايجنسي جو جاسوس هجڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. ايران جي عدلت جي ميزان آن لائن نيوز ويب سائٽ چيو ته زمين تي …

تهران-16 جون (اي پي پي) ايران، اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪندڙ شخص کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي عدالت، سومر ڏينهن چيو آهي ته سال 2023ع ۾ گرفتار هڪ جاسوس اسماعيل فڪري کي ڦاهي ڏني وڃي. اسماعيل فڪري کي اسرائيل جي موساد انٽيليجنس ايجنسي جو جاسوس هجڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. ايران جي عدلت جي ميزان آن لائن نيوز ويب سائٽ چيو ته زمين تي بدعنواني ۽ محربيه(خدا جي خلاف جنگ ڪرڻ) جي سنگين ڏوهن ۾ موساد جي هڪ سزا يافته ايجنٽ اسماعيل فڪري کي ڦاهي ڏني وئي آهي. ميزان چيو ته ڦاهي سمورو قانوني طريقيڪار مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عمل ۾ آندي وئي ۽ سپريم ڪورٽ فيصلي کي برقرار رکيو.

مزید خبریں