گڏيل عرب امارات ۾ ڪارڪنن جي اس ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي

دبئي – 15 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي انساني وسيلن ۽ اماراتائزيشن واري وزارت کليل هنڌن يا سڌي ريت اس ۾ ڪارڪنن جي ڊيوٽي تي پابندي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جيڪا 15 سيپٽمبر تا.ين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته روزانو منجهند ساڍي 12 کان 3 وڳي تائين پابندي لاڳو رهندي. اهو قدم گرمين جي موسم ۾ ڪارڪنن …

دبئي – 15 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي انساني وسيلن ۽ اماراتائزيشن واري وزارت کليل هنڌن يا سڌي ريت اس ۾ ڪارڪنن جي ڊيوٽي تي پابندي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جيڪا 15 سيپٽمبر تا.ين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته روزانو منجهند ساڍي 12 کان 3 وڳي تائين پابندي لاڳو رهندي. اهو قدم گرمين جي موسم ۾ ڪارڪنن جي صحت ۽ حفاظت لاءِ 21 سال اڳ متعارف ڪرايو ويو هو. وزارت چيو ته ڀڃڪڙي جو اطلاع وزارت جي ٽول فري نمبر، ويب سائٽ يا سمارٽ ايپلي ڪيشن تي ڏئي سگهجي ٿي.

مزید خبریں