اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي شرح کي عالمي معيار موجب آڻڻ اسان جي ترجيح ۾ شامل آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٽيڪس جي تعميل ۽ سڌارن جو عمل اڳيان وڌي رهيو آهي، هن سال جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي شرح 10.3 سيڪڙو رهي، جيڪا ايندڙ مالي سال ۾ 10.9 سيڪڙو ٿي ويندي. هن چيو ته 2 ٽريلين جي واڌو ٽيڪس جي قدمن ۾ 312 ارب رپين جا نوان ٽيڪس آهن، 2 ٽريلين جي واڌو هدف جو وڌيڪ حصو خودمختيار اؤسر ۽ لاڳو قدمن مان حاصل ڪيو ويندو، ان حوالي سان اسان قانون سازي طرف وينداسين ۽ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کي اعتماد ۾ وٺنداسين، جيڪڏهن لاڳو قدم نه کنيا ويا ته اسان کي 400 کان 500 ارب رپين تائين جي ٽيڪس لڳائڻي پوندي.