اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي قوم سان گڏجي اڳوڻي وزيراعظم، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ بهادر هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي جن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته جڏهن قوم تڪبير ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، اسان الله تعاليٰ جي بي شمار نعمتن تي شڪر ادا ڪريون ٿا، الله تعاليٰ اسان کي تازي ڀارتي جارحيت جي مقابلي ۾ هڪ ٻي شاندار فتح سان نوازيو. هن چيو ته ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڪيترن ئي طاقتور ملڪن جي شديد مخالفت جي باوجود 1998ع ۾ پنهنجي جرئتمنداڻي فيصلي سان پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو هو، اهڙي طرح ان تاريخي فيصلي سان پاڪستان کي ائٽمي طاقت جو درجو مليو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ان جي دورانديش قيادت تي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۾ قوم سان گڏ آهيان، اسان پنهنجي سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي پڻ شاندار خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پوري قوم جي ويزن ۽ امنگن کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو سمورن ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن جي خلاف قوم جي سرحدن جي دفاع جي پختي عزم تي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج کي ساراهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اتحاد ۽ عزم جي انهي جذبي سان اسان پاڪستان کي هڪ مضبوط معاشي طاقت بڻائڻ جو وچن ڪريون ٿا.