اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئر مين سيدال خان چين جي دوري دوران نائين سلڪ روڊ انٽر نيشنل ايڪسپو جو دورو ڪيو. هن نمائش ۾ مختلف اسٽالز جو معائنو ڪيو ۽ ايڪسپو ۾ شريڪ عالمي وفدن سان ملاقاتون ڪيون. ڊپٽي چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته دفاع، توانائي، انفراسٽرڪچر، مواصلات، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻه طرفه سهڪار سان اسٽريٽجڪ شراڪت داري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو . هن چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري نه رڳو ٻه طرفه ترقي جي ضامن آهي پر سڄي خطي لاءِ اقتصادي انقلاب جو ذريعو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري، اداراجاتي سهڪار ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏئي، ان شراڪتداري کي نئين بلندين تائين کڻي وڃي سگهجي ٿو. ڊپٽي چيئرمين نمائش جي اعلى معيار ۽ چين جي ترقياتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا عالمي پليٽ فارم گڏيل سهڪار ۽ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.