واشنگٽن-20 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ امن جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڪجهه يورپي اڳواڻ عسڪري رستن طرف جهُڪيل نظر ايندا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن وائيٽ هائوس ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. مارڪو روبيو چيو ته آمريڪي صدر نه صرف جنگين جو خاتمو چاهي ٿو پر ان جي شروعات کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش به ڪري ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ امن جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڪجهه يورپي اڳواڻ عسڪري رستن طرف جهُڪيل نظر ايندا آهن. هن سعودي عرب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خطاب کي ساراهيندي ان کي آمريڪي پرڏيهي پاليسي جي تاريخ جو سڀ کان اثرائتو خطاب قرار ڏنو. هن چيو ته اسان مستقبل لاءِ هڪ ويزن جو تعين ۽ خوشحالي جو هڪ نظريو پيش ڪري رهيا آهيون.