اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو موثر جواب ڏنو، پلواما جي ڪوڙي بيانيي کان وٺي تازي جارحيت تائين ڀارت جو چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، عالمي برادري موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي. سينيت جي اجلاس ۾ هن چيو ته ڀارت پاران سيڪيورٽي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۽ ان کانپوءِ جاري پڌرنامي خطي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، ان صورتحال جو فوري نوٽيس وٺندي پاڪستان نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ فوري ۽ موثر قدم کنيا. هن چيو ته پاڪستان جي دفاعي ڪاررواين ۾ ڀارتي مشن جو انگ گهٽ ڪيو ويو جڏهن ته مخصوص دفاعي اسٽيجز کي نشانو بڻايو ويو، واگهه بارڊر کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو، ڀارتي شهرين جا وزٽ ۽ واپاري ويزا معطل ڪيا ويا، جيتوڻيڪ مذهبي مقصدن جي لاءِ ايندڙ سک ياترين کي ڇوٽ ڏني وئي. هن چيو ته انڊين ايئرلائينز جي لاءِ پاڪستاني فضائي حدون بند ڪيون ويون ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور حمايت ملي، گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي مستقل ۽ غيرمستقل ميمبرن پاڪستان سان سڌوسنئون رابطو ڪيو جڏهن ته سڄي دنيا جي 60 کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن پاڪستان سان رابطو ڪري تحمل جو تلقين ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڀارتي اشتعال انگيزي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پر وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو، عالمي برادري کي واضح پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان جنگ نه ٿو چاهي پر پنهنجي دفاع جو حق هر صورت ۾ محفوظ رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران پلواما جهڙن واقعن کي بنياد بڻائي هنيل الزام بي بنياد آهن ۽ پاڪستان هر عالمي فورم تي اهو موقف واضح ڪيو آهي ته اسان دهشتگردي جي خلاف آهيون ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان جي مختلف علائقن تي حملا ڪيا، انهن حملن ۾ پنجاب جي چئن ۽ آزاد ڪشمير ٻن جاين کي نشانو بڻايو ويو، مجموعي طور تي ڀارت پاران 24 حملا ڪيا ويا. اسحاق ڊار چيو ته جن جاين کي نشانو بڻايو ويو انهن کي ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا پاران دهشتگردن جا ٺڪاڻا قرار ڏنو ويو پر زميني حقيقتن ان بيانيي جي مڪمل ترديد ڪن ٿيون، حملن ۾ ٻن مسجدن کي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته چار ٻين شهري ۽ عبادتگاهن کي پڻ شديد نقصان پهتو. نائب وزيراعظم عالمي برادري کي سڌوسنئون دعوت ڏني ته اها پاڪستان اچي پاڻ انهن جاين جو معائنو ڪري جن کي ڀارت دهشتگردي سان ڳنڍيو، اسان پوري دنيا کي دعوت ڏيون ٿا ته اچن ۽ پنهنجي اکين سان ڏسن ته ڪهڙيون جايون دهشتگردي جا ٺڪاڻا هئا، اصل حقيقت ڀارت جو ڪوڙ ۽ ظلم آهي. هن چيو ته ڀارت جي انهن قدمن سان نه رڳو پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو ويو پر عالمي قانونن، انساني حقن ۽ مذهبي آزادي جي سنگين خلاف ورزي پڻ ڪئي وئي، پاڪستان انهن حملن جو معاملو گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ٻين عالمي ادارن آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڀارت 2019ع ۾ پلواما حملي کانپوءِ انٽرنيشنل ڪميونٽي کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڪستان کي ڪوڙن الزامن جو نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته هن وقت ڀارت جي ڪوڙي بيانيي کي عالمي سطح تي ٽوڙڻ پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم چئلينج هو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تازي اڪيڊمي خطاب ۾ ڀارت کي واضح جواب ڏيڻ جي پاليسي واضح ڪئي. ان پاليسي تحت پاڪستان يو اين چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو، ڀارت پاران چار جنگي جهاز پاڪستاني حدن طرف روانا ڪيا ويا جنهن تي پاڪ فضائيه الرٽ رهي ۽ دشمن کي پٺتي هٽڻو پيو. هن چيو ته 6 مئي جي رات ڀارت 80 جنگي جهاز لانچ ڪيا جن ۾ ايس يو – 30 ۽ ايم آءِ جي – 29 جهڙا جهاز شامل هئا، انهن حملن ۾ 24 پي لوڊ پاڪستاني حدن ۾ ڪيرايا ويا پر انهن جو ڪو هدف دهشتگردي بابت نه هو، نشانو عام شهري علائقا ۽ مذهبي جايون بشمول مسجدون بڻيون. هن چيو ته پاڪستاني جهازن کي واضح هدايت ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن دشمن فضائي حدون عبور ڪري ته فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. پاڪستان ڀارت جا 80 ڊرونز ڪيرايا، 7 مئي تي ڀارت کي فضائي محاذ تي شرمناڪ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو. سينيٽر اسحاق ڊار پاڪ فوج جي پيشيواراڻي مهارت، چوڪسي ۽ قومي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته سينيٽ ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ پاڪ فوج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ويندو. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان وڏيون سفارتي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جنهن جو دنيا اعتراف ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪ ڀارت جنگ جي شهيدن ۽ زخمين جي لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي.