ڪوئيٽا – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي (ايڪنڪ) جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ بلوچستان مان ايڪنڪ ميمبر، بلوچستان جي سينيئر صوبائي وزير، پيپلزپارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ۽ پارلياماني ليڊر ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير محمد صادق عمراڻي وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪوئيٽا شهر کي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ تعمير هيٺ مانگي ڊيم تي ڪم جي رفتار، فزيڪل پروگريس ۽ مالياتي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڪنڪ ميمبر ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير محمد صادق عمراڻي چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا شهر ۾ پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ روزانو پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مانگي ڊيم جي مقرر مدي ۾ تعمير تي زور ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي اهم خواهش آهي ته ڪوئيٽا جهڙي وڏي شهر ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مانگي ڊيم جي تعمير جلد مڪمل ٿئي ته جيئن عوام کي تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن چيو ته مارچ 2016ع ۾ مانگي ڊيم جي تعمير جي لاءِ 9.334 بلين رپيا منظور ڪيا ويا ۽ اهو طئي ٿيو ته ڊيم جي تعمير تي مجموعي رقم جي لاڳت جو 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت فراهم ڪندي ۽ 50 سيڪڙو رقم جي فراهمي بلوچستان حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ڊيم جي تعمير جي حوالي سان ڪميٽي جولاءِ 2022ع ۾ نظرثاني ڪندي ڊيم جي فنڊز کي 13.247 ملين رپيا ڪيو جڏهن ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري کاتي 18.994 بلين رپين جي ٻي ريويزن جمع ڪرائي آهي. صوبائي وزير چيو ته مانگي ڊيم جي فزيڪل پروگريس 80 سيڪڙو آهي جڏهن ته مالياتي اڳڀرائي 79 سيڪڙو پهتي آهي. هن چيو ته مانگي ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 29530 ايڪڙ فٽ آهي جتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ٽينڪ 07 نمبر آهي ۽ ڊيم جي اونچائي 61 ميٽر آهي جتان ڪوئيٽا شهر کي ڏهاڙي 8.1 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي ڪئي ويندي.