سرينگر -05 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ اتان جي ماڻهن جون زندگيون ڀارتي فورسز جي اهلڪارن جي رحم ۽ ڪرم تي آهن جنهن جو تازو مثال ضلع ڪولگام ۾ هڪ 23 سالن جي نوجوان جو حراست دوران قتل آهي، جنهن سان 22 اپريل تي پهلگام واقعي کان پوءِ اهڙي طرح جي شهادت جو تعداد پنج ٿي ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مقتول جي سڃاڻپ امتياز احمد ماگري جي نالي سان ٿي آهي، کيس ڀارتي فورسز ضلع جي علائقي مزگام ۾ گهيراءَ ۽ ڳولا جي هڪ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو هو ۽ حراست دوران تشدد جو نشانو بڻائي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو. فوجين سندس لاش کي هڪ نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، جنهن جو لاش مقامي ماڻهن ضلع ۾ آڙه بل وٽو جي علائقي ڊي ايڇ پوره جي هڪ نالي مان هٿ ڪيو. مقامي ماڻهن قابض اختيارين جي خودڪشي واري دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته متاثر شخص جيڪو هڪ پورهيت هو، ڀارتي فورسز کڻي ويا هئا ۽ بعد ۾ کيس حراست دوران تشدد جو نشانو بڻايو ۽ قتل ڪري ڇڏيو. علائقي واسين ٻڌايو ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارتي فورسز گهيراءَ ۽ ڳولا وارين ڪارروائين جي آڙ ۾ ڪشميرين کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري رهي آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ 1989ع کان وٺي هن وقت تائين ڀارتي فورسز 96 هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي، جن مان 7282 نوجوانن کي حراست دوران شهيد ڪيو ويو.