اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي انقره جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان سان ٻطرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ تازي عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پراڻي اتحادين ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي طور تي پاڪستان ۽ ترڪيه باقاعده اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي روايت کي برقرار رکن ٿا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي غيرمعمولي رشتن جي عڪاسي ڪن ٿا. ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تعاون ۽ هم آهنگي جي لاءِ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي شڪل ۾ قيادت جي سطح جو طريقيڪار پڻ جوڙيو آهي. ايڇ ايل ايس سي سي جو ستون اجلاس 12، 13 فيبروري 2025ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. متوقع ملاقات ان مضبوط مڪالمي جي تسلسل جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ بلند ڪرڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.