اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڪشمير جي قيادت جي اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي آزاد ڪشمير جي لاءِ جاري ترقياتي پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چوڌري عبدالرحمان صدر مسلم ليگ (ن) يو ڪي، شاهه غلام قادر صدر مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير، طارق فاروق سيڪريٽري جنرل مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير سان گڏوگڏ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، عوامي معاملن وارو وزير راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله شريڪ هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.