اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 92 نيوز چينل جي بيورو چيف طارق عزيز جي ننڍي ڀاءُ سليم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته طارق عزيز جي ننڍي ڀاءُ سليم نواز جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن مرحوم جي گهرڀاتين …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران 92 نيوز چينل جي بيورو چيف طارق عزيز جي ننڍي ڀاءُ سليم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 92 نيوز چينل جي بيورو چيف طارق عزيز جي ننڍي ڀاءُ سليم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته طارق عزيز جي ننڍي ڀاءُ سليم نواز جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ طارق عزيز ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.











