ڪراچي- 24 فيبروري (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٿر اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي ميراٿن ريس پڻ ٿيندي. ان حوالي سان راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ 2 ڏينهن جو ٿر اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي. راندين واري کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب فيسٽيول ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي ميراٿن ۾ لڳ ڀڳ 1500 رانديگر حصو وٺندا. ان کان علاوه گهوڙن ۽ اٺن جي ڊوڙ، رسا ڪشي، ڪوڏي ڪوڏي، ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ، ونجھه وٽي سان گڏوگڏ ميوزڪل نائيٽ پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويندو. هي اسپورٽس فيسٽيول 26 کان 27 فيبروري تائين جاري رهندو، جنهن جو افتتاح 26 فيبروري تي صبح 10 وڳي مٺي جي ماروي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندو. راندين واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو مٺي ۾ ڇوڪرين جي ميراٿن منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٿر ميراٿن ۾ 600 ڇوڪريون ۽ 900 ڇوڪرا حصو وٺندا. ترجمان مطابق، صوبائي وزير، چونڊيل نمائندا، راندين جو سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ۽ ٻيا ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندا.