اوٽاوا-18 فيبروري (اي پي پي) ڪينيدا جي ٽورنٽو هوائي اڏي تي هڪ مسافر جهاز حادثي جو شڪار ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو گذريل ڏينهن ٽورنٽو هوائي اڏي تي پيش آيو. حادثي جو شڪار ٿيل ڊيلٽا ايئر لائنز جي جهاز ۾ 76 مسافرن کانسواءِ عملي جا 4 ميمبر به موجود هئا. جهاز آمريڪي رياست منيسوٽا جي شهر مني ايپولس مان اچي رهيو هو جيڪو منجهند جو 3 بجي ٽورنٽو هوائي اڏي تي لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿيو. طبي سهولت فراهم ڪندڙن ٻڌايو ته 17ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن ۾ هڪ ٻار، 60 سالن جي عورت ۽ 40 سالن جي عورت شامل آهن. واقعي کانپوءِ سموريون شيڊول اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن.