سينٽ ڪٽس _28 جنوري (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز جي عورتاڻي ٽيم پهرين ٽي – 20 انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾ بنگلاديش جي عورتاڻي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.ميزبان ٽيم مهمان بنگلاديش جي عورتاڻي ٽيم طرفان مليل 145 رنسن جو هدف 16 هين اوور جي پنجين بال تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ويسٽ انڊيز جي عورتاڻي ٽيم طرفان ڊينڊراڊوٽن ناقابل شڪست ففٽي اسڪور ڪندي پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏني وئي.