سڊني-31 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جنوري تائين سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ سڊني ۾ کيڏي ويندي. ميزبان آسٽريلوي ٽيم کي پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڀارت خلاف 1-2 جي برتري حاصل آهي. ڀارتي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم کي 295 رنسن تان هارائي سيريز 0-1 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان آسٽريلوي ٽيم جاندار ڪم بيڪ ڪندي مهمان ٽيم کي آساني سان 10 وڪيٽن تان هارائي پنجن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ برسبين ۾ کيڏيل ٽئين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي. چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان ڀارتي ٽيم کي 184 رنسن تان هارائي سيريز ۾ 1-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ڀارتي ٽيم کي سيريز برابر ڪرڻ لاءِ پنجن ميچن جي سيريز کٽڻ ضروري هوندو.