واشنگٽن -24 آڪٽوبر (اي پي پي )ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اقتصادي ۽ ڪاروباري معاملن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايمي هولمين ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ناڻي واري وزير پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقي ۾ پاڪ - آمريڪا اقتصادي شراڪت داري جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ …
ناڻي واري وفاقي وزير سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اقتصادي ۽ ڪاروباري معاملن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات ، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
واشنگٽن -24 آڪٽوبر (اي پي پي )ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اقتصادي ۽ ڪاروباري معاملن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايمي هولمين ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ناڻي واري وزير پاڪستان جي سماجي اقتصادي ترقي ۾ پاڪ – آمريڪا اقتصادي شراڪت داري جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ آمريڪي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو. هن زراعت، آئي ٽي ، توانائي ۽ کاڻين جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي ڪئي ۽ آمريڪي ڪمپنين کي انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.











