اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ”ڪي بورڊ“ جي ذريعي انقلاب آڻيندڙ عوام جي لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهن، پختون قوم روايتن جي امين آهي، ماءُ، ڀينر، ڌيءَ جي احترام جون پختون روايتون صدين تي ٻڌل آهن، جلسي ۾ جيڪا زبان استعمال ڪئي اها خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي عهدي جي توهين آهي، اسٽيج تي بيهي عورت کي للڪاريندڙ دهشتگردن ۽ ڏوهارين کان ڊڄي ٿو، اندر کان کوکلو انسان رڳو ڌمڪيون ئي ڏئي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ جلسي ۾ ماڻهو پاڻ نه نڪتا، انهن کي زبردستي آندو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پختون قوم روايتن جي امين آهي، آئون پنهنجي ڏاڏي مرحوم جي صدارتي مهم دوران جڏهن خيبرپختونخواهه ويس ته اتي پختون قوم انتها جي مهمان نوازي ڪئي. هن چيو ته پختون قوم جي ماءُ، ڀينر، ڌيءَ جي احترام جون روايتون صدين تي ٻڌل آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير دهشتگردن ۽ ڏوهارين کان ته ڊڄي ٿو پر اسٽيج تي بيهي عورتن کي للڪاري ٿو، ان ۾ ايترو دم نه آهي جو هو دهشتگردن سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري سگهي، اندر کان کوکلو انسان رڳو ڌمڪيون ئي ڏئي سگهي ٿو. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته ڪالهه اهي قوم کي ٻڌائين ها ته صوبي مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيئن ڪيو ويندو؟ هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ، دهشتگردن جي ارادن، دهشتگردن جو ڪنڌ چيڀاٽڻ جي روزانو ڳالهه ڪريون ٿا پر خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير دهشتگردن تي ڳالهه ڪرڻ بدران اسٽيج تي چڙهي هڪ عورت کي للڪاري ٿو، ان ۾ ايترو دم نه آهي جو هو دهشتگردي جي خلاف ڳالهه ڪري سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي 12 سالا اقتدار جي دور ۾ هڪ به معياري منصوبو ناهي لڳايو، منافقت جي سياست انهن جو شيوو رهيو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه صوبو اسان کي دل سان عزيز آهي، پختوننن جي دل سان عزت ڪريون ٿا، پختون اسان جا ڀاءُ آهن پر وڏي وزير علي امين گنڊاپور انهن جي نالي تي هڪ ڌٻو لڳائڻ چاهي ٿو. علي امين گنڊاپور دهشتگردن جي خلاف ڳالهه ڪرڻ بدران پختون روايتن جي ابتڙ عورتن جي خلاف ڪڌي زبان استعمال ڪئي. هن جلسي گاهه ڀرڻ جي لاءِ سرڪاري وسيلن ۽ مشينري جو استعمال ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اندر ٽڪراءَ ئي ٽڪراءُ آهي، اهي پنهنجي ئي پارٽي ۾ ماڻهن جون پاڙون ڪٽيندا ته اهي ڇو توهان جي قافلي ۾ شامل ٿيندا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ انڌير نگري چرٻٽ راڄ جهڙو قانون لاڳو آهي، ڪميشن مافيا سرگرم آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ناڪام جلسو پوري قوم ڏسي ورتو آهي، اهو ڪهڙو انقلاب هو جيڪو رڳو عورت کي للڪارڻ آيو هو، انهن کي جيڪو روٽ ڏنو ويو هو، اهو کليل هو، انتظاميا ڪا رڪاوٽ نه وڌي. سرڪاري وسيلن جي باوجود اهي جلسي گاهه نه ڀري سگهيا، علي امين گنڊاپور ٻه ڪلاڪ ان لاءِ ليٽ آيو ڇو ته هو ڄاڻيندو هو ته ڏينهن جي روشني ۾ پهتس ته هو بي نقاب ٿي ويندو، هن ناڪام جلسي جي ڪاوڙ مريم نواز ۽ ادارن تي ڪڍي، توهان هڪ صوبي جا وڏا وزير آهيو سنجيدگي اختيار ڪريو، دهشتگردي جي خلاف عزم استحڪام تحت ويزن جو حصو بڻجو ۽ پنهنجي صوبي ۾ امن قائم ڪريو، ترقياتي ڪم ڪريو، ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولت ڏيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ڪميشن وٺڻ ۽ ماڻهن کي عهدي تان هٽائڻ ۾ مصروف آهي، جيڪي ماڻهو سندس ڪرپشن جو حصو نه ٿا بڻجن، هي انهن کي عهدن تان هٽائي ڇڏي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊيڊ پارٽي آهي، حڪيم سعيد ۽ ڊاڪٽر اسرار جي ڏنل بيانن تي ارشد شريف ثبوتن سان گڏ پروگرام ڪيو هو، هن ٻڌايو هو ته ڪهڙي طرح آمريڪي ڄائو يهودي انهن کي فنڊنگ ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ٽائيمز آف اسرائيل پڻ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسرائيل سان جيڪڏهن لاڳاپا بهتر ڪري سگهي ٿو ته اهو عمران خان آهي. ان مان ثابت ٿي ويو ته توهان گولڊ سمٿ جا برانڊيڊ لابيسٽ آهيو، توهان ان لابي جو حصو آهيو، اسان يهودي لابي جو ٻڌندا هئاسين پر هاڻي اسرائيل جي اخبار به چئي ڇڏيو ته هي يهودي لابي جو حصو آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گارگند ۽ تشدد کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، جيڪڏهن انهن عوام جي ڪا خدمت ڪئي هجي ها ته اها سامهون اچي وڃي ها. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ موٽروي جو ڄار نواز شريف وڇايو، شهباز شريف جي دور ۾ مهانگائي هڪ انگ تي آئي، ان ڳالهه جي به انهن کي ڪاوڙ آهي، هي آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ جو ڏيوالو ڪرائڻ چاهين پيا، هاڻي انهن کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي ته مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي ۽ انهن کي ڪاوڙ ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي حڪومت ڊيليور ڪري رهي آهي ۽ انهن کان ڊيليور نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، سياسي پارٽيون ۽ ليڊر آهن، توهان جي منافقت جي سياست ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. ڪالهه به چيو هو ته ناڪام جلسو ٿيو، ماڻهو اچي نه سگهيا، انهن پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ پوليس تي پٿراءُ ڪيو، ايس ايس پي کي زخمي ڪيو ۽ اسٽيج تي چڙهي بهادري ڏيکاري ۽ عورت کي لڪارڻ شروع ڪري ڇڏيو. مون ڪالهه به چيو هو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انلله واناليه راجعون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته امير مقام مسلم ليگ (ن) سان مشڪل وقت ڪاٽيو، هي دلير ماڻهو آهي، 7 حملا برداشت ڪيا، الله تعاليٰ سندس زندگي محفوظ رکي، اڃا به ڄمي سياست ڪري ٿو. مشڪل دور ۾ جڏهن کيس اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آءِ اي جا نوٽيس ايندا هئا ۽ ان تي پريشر وڌو ويندو هو ته (ن) ليگ ڇڏي ڏي، هن سٺي خراب وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏنو، ان تي اسان کي ناز آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلام آباد انتظاميا کي ڪالهه جي جلسي ۾ ٿيندڙ خلاف ورزين جو ادراڪ آهي. هن چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان هفتي ۾ هڪ ڀيرو ميڊيا کي بريفنگ ڏينداسين. ڪالهه هڪ اڳوڻي صدر فيڪ تصويرون لڳايون ۽ پوءِ معذرت ڪئي پر سندس پارٽي جي ماڻهن پراڻي وڊيوز لڳائي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجو خيال نه آهي ته ڪڏهن ”ڪي بورڊ“ سان به انقلاب آيو هجي، ”ڪي بورڊ“ جا انقلابي سڄو ڏينهن ڪوڙي پروپئگنڊه ڪندا رهيا، هي عوام جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا. انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو به ڪارڪنن تي تمام گهڻو اثر پيو آهي، ڪالهه جي جلسي جي لاءِ ماڻهو پاڻ نه نڪتا، انهن کي زبردستي جلسي جي لاءِ آندو ويو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر پارليامينٽ جي اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سمورين ڪميٽين جو اهي حصو آهن، جمهوريت جو آئيني نظام هلي رهيو آهي، اهڙي ڇڪتاڻ نه آهي جو پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي يا استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي، مخالف ڌر سان سٺي ڪوآرڊينيشن آهي، پارليامينٽ ۾ انهن سان گڏ ويهون ٿا، ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا، اهي چون ٿا ته ڪئميرائن آڏو ڳالهه ڪرڻ اسان جي مجبوري آهي ڇو ته اسان جو ليڊر به ڏسي رهيو هوندو آهي، علي امين گنڊاپور جڏهن ميٽنگز ۾ ايندو آهي ته سٺي طريقي سان پيش ايندو آهي ۽ چئي ڇڏيندو ته اتي ٿوري اڊيالا ۾ پيشي ٿي ويندي آهي ان لاءِ خيال ڪريو. هن چيو ته ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو، 2018ع ۾ ڊالر 120 رپين جو هو، پيٽرول 125 رپيا في ليٽر هو، اسان چار سيڪڙو تي مهانگائي ڇڏي ويا هئاسين، 6 سيڪڙو تي گروٿ ريٽ ڇڏي ويا هئاسين، ان کانپوءِ پنڪي، گوگي ۽ ڪپتان….. ڦرلٽ ڪري کائي ويا پاڪستان، جو سلسلو شروع ٿيو ۽ عثمان بوزدار کي پنجاب جو وڏو وزير لڳايو ويو ۽ ائين پوسٽون ورهايون ويون جهڙوڪ اهي مال غنيمت هجن. انهن کي ڪا پرواهه نه هئي ته سي پيڪ ڪٿي هلي رهيو آهي. هنن گوادر ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي ڪا ميٽنگ نه گهرائي. هنن طالبان کي گهرائي ترسايو، ان وقت جا حڪمران ملڪ کي ڏيوالي جي ويجهو بيهاري ويا، ايڪسپورٽرز کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته اسان کي ڊالر ڪهڙي ريٽ تي ٽريڊ ڪرڻو آهي، اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اڄ ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو آهي، روانگي واپار 14 سيڪڙو وڌيو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، مستقبل ۾ پاليسي ريٽ وڌيڪ گهٽ ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. اسان معاشي بحالي جي راهه تي گامزن آهيون. گرمي جي موسم ۾ بجلي جي مد ۾ وفاق 50 ارب رپيا ۽ پنجاب 45 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، اهي عوام دوست پاليسيون آهن، انشاءَ الله تمام جلد وقت ايندو ته عوام کي مڪمل ريليف ملندو. اسان نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، ناسمجهه ۽ ڊرامي بازن نه ملڪي معيشت کي سنڀاليو نه ڪو ترقياتي ڪم ڪيو، اڄ انهن جا سڀ مائوٿ پيس ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهن، شهزاد اڪبر، زلفي بخاري، شهباز گل سڄو سڄو ڏينهن 10، 10 پريس ڪانفرنسون ڪندي ٿڪندا نه هئا، ٿورو ڏکيو وقت آيو ته اهي ٻاهر ڀڄي ويا، اچو پنهنجي خلاف ڪيسز جو دفاع ڪريو، انهن جي ليڊر کي به انهن جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي سالميت کي داءُ تي نه لڳايو، ڪنهن اهو نه چيو ته خان نه آهي ته پاڪستان نه آهي، ماڻهن لاش کنيا ۽ پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، اسان جو ليڊر پنهنجي گهرواريءَ کي مرڻ جي بستري تي ڇڏي آيو ۽ پنهنجي خلاف ڪيسز کي منهن ڏنو ۽ ملڪ تي ڌٻو اچڻ نه ڏنو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو بنگلاديش جي شيخ مجيب سان پنهنجي ڀيٽ ڪندا هئا، اهي بنيادي طور وقت پرست ۽ موقعي پرست ماڻهو آهن، انهن جي جڏهن دل ڪري ادارن تي حملو ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحافين سان عزت ۽ احترام جو رشتو رهيو آهي، صحافي جي ڪا سياسي پارٽي ناهي هوندي، انهن جا نظريا ٿي سگهن ٿا، اهي ڪنهن کي سٺا خراب لڳي سگهن ٿا. عورت صحافين جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي وئي اها پي ٽي آءِ جو شيوو آهي. هن چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ ميڊيا ادارن سان هڪ جهڙو سلوڪ رکيو آهي، ميڊيا انڊسٽري جا اشتهار بند ناهن ڪيا، ميڊيا ورڪر ڪنهن سياسي پارٽي جو ناهي هوندو، هو ماني ڳڀو ڪمائڻ گهر مان نڪرندو آهي، انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪريون ٿا.