چٽگرم-01 مئي (اي پي پي) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ٽي 20 ميچ (اڄ) جمعي تي کيڏي ويندي. زمبابوي خلاف پهرين ٽي 20 ميچ ۾ نجم الحسين شانتو جي اڳواڻي ۾ ميزبان ٽيم ميدان ۾ لهندي،جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم جا فرض سڪندر رضا ادا ڪندو.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ 5 مئي، ٽئين ميچ 7 مئي، ڇوٿين ميچ 10 مئي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 12 مئي تي کيڏي ويندي، سيريز جون پهريون ٽي ميچون ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم، چٽگرام ۾ جڏهن ته آخري ٻه شير بنگله اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون.