ڪرائسٽ چرچ – 18 جنوري (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن بين الاقوامي ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ (اڄ) جمعي تي هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان نيوزيلنڊ کي پاڪستان خلاف پنج ٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ 3-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلنڊ وچ ۾ 5 ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز نيوزيلينڊ ۾ شيڊول آهي جنهن جون ٽي ميچز کيڏيون ويون آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڇوٿين ٽي 20 ميچ جمعي تي ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 21 جنوري تي ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي.