برطانوي ملڪه الزبٿ دوم جي پهرين ورسي ، چارلس سوم جو بادشاهه طورتي حمايت تي عوام جو شڪريه

لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانوي تخت تي رڪارڊ 70 سالن تائين راڄ ڪندڙ ملڪه الزبٿ دوم کي دنيا کان ويندي هڪ سال ٿي ويو . خابرو اداري اي ايف پي مطابق چارلس سوم گذريل ڏينهن تي پنهنجي ماءِ جي پهرين ورسي جي موقعي تي پنهنجي مختصر بيان ۽ ماءِ جي پسنديده تصوير جاري ڪئي آهي . پنهنجي بيان ۾ هن پنهنجي ماءَ جي پهرين ورسي تي بادشاهه طورتي …

لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانوي تخت تي رڪارڊ 70 سالن تائين راڄ ڪندڙ ملڪه الزبٿ دوم کي دنيا کان ويندي هڪ سال ٿي ويو . خابرو اداري اي ايف پي مطابق چارلس سوم گذريل ڏينهن تي پنهنجي ماءِ جي پهرين ورسي جي موقعي تي پنهنجي مختصر بيان ۽ ماءِ جي پسنديده تصوير جاري ڪئي آهي . پنهنجي بيان ۾ هن پنهنجي ماءَ جي پهرين ورسي تي بادشاهه طورتي سندس حمايت تي عوام جو شڪريه ادا ڪيو آهي . هن پنهنجي ماءِ ، سندس زندگي ۽ عوامي خدمت لاءِ سندس عظيم پيار ۽ جذبي کي ياد ڪيو .