وزيراعظم پاران سپريم ڪورٽ پاران صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي آجيان

اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ پاران صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن اڳ ۾ ئي ارشد شريف جي قتل تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي واقعي جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو هو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان معاملي تي عدالت …

اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ پاران صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن اڳ ۾ ئي ارشد شريف جي قتل تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي واقعي جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط لکيو هو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان معاملي تي عدالت سان هر ممڪن تعاون ڪندي.