آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون، گڏيل احترام سان رابطو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي: اڳواڻ

اسلام آباد – 06 - مئي (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل فائديمند ۽ وسيع البنياد لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن امن، ترقي ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ …

اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل فائديمند ۽ وسيع البنياد لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن امن، ترقي ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته گڏيل احترام سان رابطو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.